دودي سومري جي مزار

دودي سومري جي مزار

دودي سومري جي مزار

دودي سومري جي مزار: شهيد دودي سومري جي مزار ضلعي بدين جي يونين ڪائونسل ڀڳڙا ميمڻ ۾ سنڌ جي اڳوڻي تختگاهه روپا ماڙيءَ ۾ واقع آهي. هن قبر جا آثار سٺ واري ڏهاڪي ۾ نامور محقق سومار شيخ، محمد موسيٰ جوکيي، عبدالرحمان نقاش ۽ ٻين قديم دؤر کان رهندڙ ملاحن، جتن ۽ ولاسي جي سگھڙ فقير ناٿي خان لنڊ جي مدد سان ڳولي لڌا هئا، جنهن بعد سومرا قبيلي جي ماڻهن دودي سومري جي قبر کي سرن سان پڪو ٻڌرايو. 1976ع ۾ بدين ضلعي جي تڏهوڪي ڪمشنر غياث الدين جوڻيجي، پهريون ڀيرو شهيد دودي سومري تي ٽن ڏينهن جو ميلو لڳرايو.
96-1995ع ڌاري حاجي شير محمد سومري پنهنجي ذاتي خرچ سان دودي سومري جي مزار تي قبو جوڙائي مزار جو رهيل ڪم مڪمل ڪرايو، ۽ ان ئي مهيني 20 سالن جي عرصي ۾ شهيد دودي سومري جو ميلو لڳرايو. ان کان پوءِ هيءُ ميلو لاڳيتو لڳندو رهي ٿو.


لفظ دودي سومري جي مزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو